جمعو 16 نومبر 2018ء

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو تعزيت لاءِ نواز شريف سان ملاقات ڪندو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪلثوم نواز جي وفات تي تعزيت لاءِ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪندو. گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ وفد جوڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، قمرالزمان ڪائرا، چوڌي منظور ۽ حسن مرتضيٰ شامل آهن. ان کان علاوه پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪلثوم نواز جي وفات تي تعزيت لاءِ نواز شريف سان ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اها ملاقات ڪلثوم نواز جي تدفين کانپوءِ رسم قُل کان اڳ ٿيندي، پ پ چيئريمن نواز شريف جي پيرول ختم ٿيڻ کان اڳ ملاقات ڪندو جيڪا ڇنڇر يا آچر تي ٿيڻ جو امڪان آهي.