سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

ايشيا ڪپ: هانگ ڪانگ جي پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ

ويب ڊيسڪ: دبئي: ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ جي ٻي مئچ ۾ هانگ ڪانگ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان پاڻ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گرين شرٽس جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽيون ها ته پهريان بيٽنگ ئي ڪيون ها جڏهن ته مخالف ٽيم کي جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سرفراز احمد چيو ته فائينل تائين پهچڻ لاءِ 6 مان 5 مئچن لازمي ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي، ايونٽ تمام گهڻو اهم آهي ڪجهه نٿا چئي سگهون ڪير چيمپيئن ٿيندو پر ايشيا ڪپ کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته هانگ ڪانگ جي ٽيم ايونٽ لاءِ ڪوليفائي ڪيو آهي، اهو سندن لاءِ وڏو ايونٽ آهي، اڄ 4 فاسٽ بالرن ۽ هڪ اسپنر سان گڏ کيڏنداسين. دبئي جي موسم سخت گرم آهي ۽ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته پچ بيٽنگ لاءِ سازگار آهي. هانگ ڪانگ خلاف قومي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم، شعيب ملڪ، سرفراز احمد(ڪپتان)، آصف علي، شاداب خان، فهيم اشرف، محمد عامر حسن علي ۽ عثمان خان شامل آهن.