اربع 19 ڊسمبر 2018ء

انڊونيشيا ۾ شديد زلزلي ۽ سونامي تباهي مچائي ڇڏي، 350 کان وڌيڪ فوت، ڪيترائي زخمي

ويب ڊيسڪ: جڪارته: انڊونيشيا جي جزيري سولاويسي جي ساحلي پٽي واري شهر پالو ۾ زلزلي جي تيز جهٽڪن ۽ سونامي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جتي نتيجي ۾ هن وقت تائين 400 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 900 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. آمريڪي جيولوجيڪل سروي مطابق ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو زور 7.5 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سان سمنڊ اندر 10 فوٽن وڌيڪ بلندي واريون ڇوليون اٿيون، جن پڻ ساحلي شهر پالو ۾ تباهي مچائي ڇڏي. زلزلي جو مرڪز پالو شهر لڳ واقع ماهيگيرن جي قصبي ڊونگ گالا کان 27 ڪلوميٽر پري سمنڊ اند ٻڌايو پيو وڃي. غير ملڪي ميڊيا موجب زلزلي ۽ سونامي سبب شهر جون عمارتون ۽ رستا مڪمل طور متاثر ٿيا آهن ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، مقامي اسپتال جي عمارتون پڻ ڪري پيون آهن، جنهن سبب متاثرن کي طبي امداد جي فراهمي ۾ پڻ ڏکيائيون سامهون اچي رهيون آهن. انڊونيشين صدر جوڪوويڊوڊو ٽويٽر پيغام ذريعي قدرتي آفت سبب ٿيل نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.