خميس 21 فيبروری 2019ء
تعليم
دلچسپ خبرون
سنڌ جون خبرون
شوبز
رانديون
پرڏيهي خبرون
ڏيهي خبرون
اهم خبرون
اڄ جي اخبار
سوڀ جا مک مضمون
اقوام متحده ايل او سي تي ڀارتي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي
اتفاق ۽ مفاهمت
وقت، زندگي، پئمانا ۽ سوال..!
ڀٽائي سائين رحه بادشاهن ۽ راجائن جو ماڻهو نه هو...؟
نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟
چيني ماڊل ۽ پاڪستان
شوبز جون خبرون
فلم ۽ ٽي وي جو سينيئر اداڪار خاور بٽ لاڏاڻو ڪري ويو
ويرات ڪوهلي انوشڪار سان خوشگوار شادي شدا زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو
ڪپل کانپوءِ سندس گهر واري جي به شوبز ۾ انٽري
ليجنڊ اداڪار قادر خان ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو
رنوير سنگهه جي فلم ”سمبا“ 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪمائڻ جي اڳڪٿي
سوڀ ميڊيا گروپ
Sobh Dharti Media Group
انڊو نيشيا ۾ زلزلي ۽ سونامي تباهي مچائي ڇڏي، مارجي ويل جو انگ 800 کان وڌي ويو
ويب ڊيسڪ: جڪارتا: انڊونيشيا جي سامونڊي شهر پالو ۾ زلزلي ۽ سونامي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 800 کان ٽپي ويو . پرڏيهي خابرو اداري موجب 28 سپٽمبر تي انڊونيشيا ۾ 7 ڏهائي 5 جي شدت سان آيل زلزلي سامونڊي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترين ئي عمارتن کي به نقصان پهتو. هن وقت تائين ايندڙ تفصيلن موجب زلزلي سبب هن وقت تائين فوتين جو انگ 832 ٿي ويو آهي ۽ اڃان به ڪيئي ماڻهو گم آهن جنهن سبب جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. انڊونيشيئن انتظاميا موجب سموريون فوتگيون سامونڊي شهر پالو ۾ ٿيون جتي 7 ڏهائي 5 جي شدت سان آيل زلزلي بعد سامونڊي لهرون 10 فٽن تائين بلند ٿي سامونڊي علائقن ۾ داخل ٿيون. انتظاميا جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن مان 17 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، متاثر علائقن ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ آهي جڏهن ته مقامي مارڪيٽن ۾ ڦرلٽ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي. انڊونيشين صدر جوڪو ودودو اڄ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، ان کان اڳ هن پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ قدرتي آفتن سان ٿيندڙ نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي انتظاميا کي متاثرن جي هر ممڪن امداد جي هدايت ڪئي هئي.