اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

ڪراچي پريس ڪلب آڏو معزور ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪندڙ معزورن جي احتجاج کي هفتو مڪمل، سندن مطالبا منظور نه ٿيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو معزور ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪندڙ معزورن جي احتجاج کي هفتو مڪمل، سندن مطالبا منظور نه ٿيا. ان حوالي سان معذور نوجوانن جمع خان، نويد مگسي، جئرام داس ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار معذور نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ وارو اعلان ته ڪيو آهي پر ان تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.