سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

سکر: سيپڪو جو بجلي چورن خلاف آپريشن، سوين بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا

سکر(بيوروچيف) سکر جي نئين ڳوٺ ۾ سيپڪو جو بجلي چورن خلاف آپريشن، سوين بجلي جا چوري ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، آپريشن دوران رهواسين ۽ سيپڪو ملازمن وچ ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد وڌاڻي برادري جي 100 کان وڌيڪ رهواسين شڪارپور روڊ تي ڪناتون هڻي روڊ کي ٻنهي طرفن کان بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ شامل مظاهرين سيپڪو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،