سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

آمريڪا 17 سالن بعد به افغانستان ۾ مقصد حاصل ڪرڻ ناڪام رهيو: رپورٽ

ويب ڊيسڪ: واشنگٽن: بين الاقوامي اداري پيوريسرچ سينٽر پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا 17 سالن بعد به افغانستان اندر پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.پيوريسرچ سينٽر افغانستان ۾ آمريڪي جنگ بابت سروي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ آمريڪي شهرين کان جنگ بابت راءِ ورتي وئي آهي. سروي رپورٽ مطابق افغانستان تي آمريڪي حملي جي صحي يا غلط هجڻ تي آمريڪي قوم تقسيم ٿي وئي آهي، 49 سيڪڙو آمريڪي سمجهن ٿا ته واشنگٽن افغانستان ۾ مقصد حاصل ناهي ڪري سگهيو. رپورٽ مطابق 16 سيڪڙو آمريڪي اهو سمجهڻ ۾ پريشان آهن ته افغانستان ۾ آمريڪا ڪامياب ٿيو ناڪام. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2009ع کان 2011ع تائين آمريڪين جو خيال هيو ته آمريڪا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو، پر ائين نه پيو لڳي ۽ 2014ع کان 2015 ۾مثبت کان وڌيڪ منفي ردعمل سامهون آيو.