سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ خدمتن تي سلمان صوفي لاءِ مڌر ٽريسا ايوارڊ جو اعلان

ويب ڊيسڪ: لاهور: پنجاب اسٽريٽجڪ ريفارمزيونٽ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ۽ وومينز آن وهيلز پروجيڪٽ جي سربراهه سلمان صوفي کي عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ سندس خدمتن تي 2018 جي مڌر ٽريسا ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي. هلندڙ سال سلمان صوفي کانسواءِ اهو ايوارڊ نوبيل امن انعام يافته عراقي عورت ناديه، افغان عورت اوّل رولا غني ۽ ٻين عالمي شخصيتن کي ڏنو ويندو. ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب هلندڙ مهيني 21 آڪٽوبر تي ڀارت جي شهر ممبئي ۾ منعقد ٿيندي. ياد رهي ته مڌر ٽريسا سان عقيدت جي اظهار لاءِ ڏني ويندڙ ايوارڊ جو بندوبست مشنريز آف چيريٽي جي تحت ڪيو ويندو آهي، جيڪو انهن ماڻهن ۽ تنظيمن کي ڏنو ويندو آهي، جن دنيا ۾ امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ جي حوالي سان ذڪر جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون هجن. سلمان خان صوفي پنهنجي ٽوئيٽر ۾ اهو ايوارڊ تشدد جو شڪار ٿيندڙ عورتن جي نالي ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو ان حوالي سان ڪم جاري رکندو. ياد رهي ته سلمان خان صوفي پنجاب جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جو ڊائريڪٽر جنرل رهي چڪو آهي، جيڪو پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير لاءِ هڪ ٿينڪ ٽينڪ طور ڪم ڪندو هو.