اربع 19 ڊسمبر 2018ء

ماڊل ٽائون سانحو: مشتاق سکيرا سميت 115 ڄڻن تي فرد جرم عائد

ويب ڊيسڪ: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ماڊل ٽائون سانحي ۾ اڳوڻي آءِ جي پنجاب مشتاق سکيرا سميت 115 ماڻهن تي فرد جرم عائد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مشتاق سکيرا سميت سمورن جوابدارن صحت جرم کان انڪار ڪري ڇڏيو.