سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

آءِ جي پنجاب جي بدلي: اليڪشن ڪميشن پنهنجو حڪم واپس وٺي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو خط

ويب ڊيسڪ: لاهور: اسٽيبلشمنٽ ڊويزن آءِ جي پنجاب جي بدلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واروحڪم واپس وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو. گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت آءِ جي پنجاب طاهر خان کي اچتو عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي امجد جاويد سليمي کي مقرر ڪيو، ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي الڪيشن ڪميشن آءِ جي پنجاب جي مقرر وارو حڪومتي فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وچي چينل موجب اسٽيبلشمنٽ ڊويزن آءِ جي پنجاب جي بدلي تي حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 3 سپٽمبر وارو حڪم صوبي جي پوليس چيف کي تبديل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ناهي، ننڍي چونڊ وارن ضلعن ۾ مقرري ۽ بدلي ڪرڻ کان الڪيشن ڪميشن منع ڪيو هو، جڏهن ته آءِ جي پنجاب جي بدلي صوبي جي صلاح مشوري سان طريقڪار موجب ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ننڍي چونڊ دوران آ3 جي پنجاب جي بدلي کي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي موقف اختيار ڪيو هوته آءِ جي پنجاب کي حڪومتي ٽاسڪ پورو نه ڪرڻ تي هٽايو ويو.