سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

پاڪ فوج ۾ ترقيون ۽ مقرريون، عاصم منير ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

ويب ڊيسڪ: راولپنڊي: پاڪ فوج ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقيون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل عاصمر منير کي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڊي جي آءِ ايس آءِ، جڏهن ته ليٽفيننٽ جنرل نديم ذڪي کي ڪور ڪمانڊر منگلا مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ جنرل عبدالعزيز کي ملٽري سيڪريٽري جي ايڇ ڪيو، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل وسيم اشرف کي آءِ جي آرمز مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل اظهر صالح عباسي چيف آف لاجسٽڪس، ليفٽيننٽ جنرل محمد عدنان وائيس چيف آف جنرل اسٽاف ۽ ليفٽيننٽ جنرل شاهين مظهر ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته عاصم منير ڊي جي ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ) رهي چڪو آهي، عاصمر منير پاڪستان ملٽري اڪيڊمي نه پر آفيسرز ٽريننگ اسڪول کان فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي.