اربع 19 ڊسمبر 2018ء

گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياھھ تي پُل جي تعمير تمام اھم آھي: سيد مراد علي شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيوآھي تھ گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياھھ تي پُل جي تعمير تمام اھم آھي، ان سان پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان مان ايندڙ ٽريفڪ جي وڌندڙ ڌٻاءَ جي حوالي سان مدد ملندي پر ان سلسلي ۾ درست ھنڌ جي چونڊ تمام اھم آھي تھ جيئن درياھھ جو قدرتي وھڪرو متاثر نھ ٿئي. ھن اھا ڳالھھ ڪالهه وزيراعليٰ ھائوس ۾ ڄاڻايل پُل جي حوالي سان رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي.