اربع 19 ڊسمبر 2018ء

ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ 170 ڊرائيور گرفتار، 3 هزار کان وڌيڪ چالان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ون وي جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن خلاف ٻئي ڏينهن به ڪارروايون ۽ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ون وي جي خلاف ورزي ڪندڙ 170گاڏين جي ڦرائيورن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 3 هزار کانن وڌيڪ چالا ڪيا ويا، ٽريفڪ پوليس ترجمان موجب شهر ۾ ون وي جي خلاف ورزي روڪڻ لاءِ ٻئي ڏينهن ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو جنهن دوران 170 گاڏين جي ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو جيڪي عدالت مان ضمانت حاصل ڪري سگهندا،