سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

ملڪ ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ڪالاباغ ڊيم تي بحث فضول آهي: صوبائي وزير امتياز احمد شيخ

ڪراچي) اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ڪالاباغ ڊيم تي بحث فضول آهي، ٽي صوبا ان منصوبي کي رد ڪري چڪا آهن ملڪ ۾ نوان ڊيم مشاورت ۽ رضامندي سان بنائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالھ هن اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ پاڻي ۽ متبادل توانائي جي ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪئي.