اربع 20 مارچ 2019ء

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي قابو پائڻ لاءِ واچ فورس تيار

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ ڏوهه روڪڻ لاءِ اسٽريٽ واچ فورس جوڙي وئي آهي، موٽر سائيڪل سوار هٿياربند اهلڪار اسٽريٽ ڪرائيم کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندا. رپورٽن مطابق سنڌ پوليس ڪراچي ۾ لڳاتار ٿيندڙ ڦرلٽ جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف 1870 اهلڪارن تي ٻڏل اسٽريٽ واچ فورس تيار ڪري ورتي آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير شيخ اسٽريٽ واچ فورس جي جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته فورس کي جوابدارن جي فوري گرفتاري لاءِ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان بدنام علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ڏکڻ ۽ سٽي ايريا ۾ اسٽريٽ ڪرائيم واچ فورس کي 80، اوڀر ضلعي ۾ 8 موٽر سائيڪلون ڏنيون ويون آهن، ان کانسواءِ سينٽرل ضلعي، ملير، اولهه ۽ ڪورنگي ۾ 20_20 نيون موٽر سائيڪلون ڏنيون ويون آهن، ٻن موٽر سائيڪلن تي 4 اهلڪار ٽولين جي شڪل ۾ 8_8 ڪلاڪ ڊيوٽيون ڪندا.