آچر 18 نومبر 2018ء

ايڇ ڊي اي ملازمن، رٽائر ملازمن ،رٽائر ملازمن جي بيواهن کي چئن مهينن جون پگهارون نه مليو، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ايمپلائيز يونين جي سڏ تي واسا ملازمن، رٽائر ملازمن ،رٽائر ملازمن جي بيواهن چئن مهينن جون پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف ڪالهه 14 ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک جاري رکي. بک هڙتال تي ويٺل ملازمن انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي يونين اڳواڻن اعجاز حسين، نيازحسين چانڊيو، راجا خان پالاري، رحيم کوسو، بلاول ملاح ۽ ٻين چيو ته ايڇ ڊي اي انتظاميا عياشين واري زندگي گذاري رهي آهي، جڏهن ته ملازم ۽ انهن جا خاندان ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، هنن چيو ته حاضر سروس ملازم پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازم پينشن کان محروم آهن، انتظاميا ٺلها دلاسا ڏئي سرهي آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين پگهارون ۽ پينشن جاري ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيندا.