آچر 18 نومبر 2018ء

لطيف سرڪار جو 275 هون عرس مبارڪ شروع، سنڌ جي گورنر ڀٽائي گهوٽ جي مزار تي چادر چاڙهي عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪيو

ڀٽ شاهه (سوڀ نيوز) سنڌ ڌرتي صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي. ڀٽائي جو پيغام پيار محبت، انسانيت، ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو، ڀٽائي جو پيغام طبقي يا مذهب تائين محدود ناهي. انسانيت جي درس کي لاکيڻي لطيف وڏي گهرائي سان پيش ڪيو آهي لطيف سائين جي برڪت سبب اڄ تائين سنڌ ڌرتي تي پروردگار جو خاص ڪرم رهيو آهي، ڀٽ شاهه کي مذهبي ۽ سياحتي ماڳ ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش آهي: گورنر سنڌ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه