اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٽاپ پوزيشن ۾ اچي ويو

ويب ڊيسڪ: دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽائلش بيٽسمين بابر اعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي رانديگرن جي بيٽنگ رينڪنگ تي پهرين پوزيشن ۾ قبضو ڪري ورتو آهي. آسٽريليا خلاف ٽي ٽوينٽي سيريز ۾ شاندار پرفارمنس ڏيندڙ بابر اعظم آءِ سي سي ٽي ٽوينٽي رينڪنگ ۾ هڪ درجو ترقي ماڻي ۽ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ جي پوزيشن کسي ورتي آهي. بابر اعظم هن وقت تائين تائين محدود اوور جي طرز واري ڪرڪيٽ ۾ 23 ميچون کيڏي چڪو آهي، جنهن ۾ هن 7 ففٽين جي بدولت 56.56 جي سطح تي 905 رنز ٺاهيون، آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي، ڀارت جو لوڪيش راهول ٽئين ۽ نيوزيلينڊ جو ڪلن منرو هڪ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.