آچر 18 نومبر 2018ء

شعيب ملڪ ٽي 20 انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو ٻيو بيٽسمين بڻجي ويو

دبئي(سوڀ نيوز)اسٽار پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ ٽي 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ م سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو ٻيو بيٽسمين بڻجي ويو، هن آسٽريليا خلاف کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ميچ ۾ 18 رنسن جي اننگز کيڏي اڳوڻي ڪيوي بيٽسمين برينڊن ميڪ ڪولم جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ، ميڪ 2140 رنسون اسڪور ڪيون آهن جڏهن ته شعيب ملڪ 2153 رنسون ٺاهيون آهن ، ٽي 20 جي تاريخ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو عالمي ريڪارش ڪيوي بيٽسمين مارٽن گپٽل کي حاصل آهي جنهن 2271 رنسون اسڪور ڪيون آهن .