آچر 18 نومبر 2018ء

پاڪستان نيوزيلينڊ جي بکيا اوڍڙي ڇڏيا، ٻي ميچ پنهنجي نالي ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو

اسپورٽس نيوز: دبئي: ٽن ٽي ٽوئنٽي مئچن تي ٻڌل سريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لڳاتار 11 هين ٽي ٽوئنٽي پنهنجي نالي ڪري ورتي. نيوزيلينڊ پهرين کيڏندي مقرر اورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسون ٺاهيون، پاڪستان هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي اننگز جي آخري اور ۾ حاصل ڪري ورتو. دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل مئچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪيويز طرفان اننگز جي شروعات ڪولن منرو ۽ گلين فلپس جارحاڻي انداز ۾ ڪئي ۽ ٽيم کي سٺو آغاز فراهم ڪيو. نيوزيلينڊ جي پهرين وڪيٽ 50 رنسن جي گڏيل اسڪور تي ڪري جڏهن فلپس 5 رنسون ٺاهي شاهن آفريدي جي بال تي سرفراز هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. ڪيويز جي ٻيو آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين ڪولن منرو هو جيڪو 44 رنسون ٺاهي محمد حفيظ جو شڪار بڻيو، جڏهن ته گرينڊ هوم کي 4 رنسن تي عماد وسيم پويلين جي راهه ڏيکاري. روس ٽيلر 3 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو جڏهن ته ڪوري انڊروسن 44 ۽ سيفروٽ 11 رنسون ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جا شڪار بڻيا، ٽم سائوٿي کاتو کولڻ بنا پويلين روانو ٿيو. ڪيويز ٽيم مقرر 20 اورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪولن منرو 44، ڪوري انڊروسن 44، ۽ ڪپتان وليمسن 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. گرين شرٽس طرفان شاهين شاهه آفريدي 3، عماد وسيم ۽ محمد حفيظ هڪ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.154 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات فخر زمان ۽ بابر اعظم ڪئي ۽ ٽيم کي 40 رنسن جو آغاز فراهم ڪيو. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 40 رنسن تي ڪري، فخر زمان 24 رنسون ٺاهي ملني جي بال تي آئوٽ ٿيو. ٻئي وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ بابر اعظم ۽ آصف علي جي وچ ۾ 55 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ٿي ۽ بابر اعظم 40 تي پنهنجي وڪيٽ وڃائي. آصف علي شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 38 رنسون ٺاهي ڪولن منرو جو شڪار بڻيو، شعيب ملڪ 10 رنسون ٺاهي ملني هٿان آئوٽ ٿيو. پاڪستان 154 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 20 هين اور جي چوٿين بال تي حاصل ڪري سريز 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن گرين شرٽس لڳاتار 11 هين ٽي ٽوئنٽي سريز پنهنجي نالي ڪئي آهي. پاڪستان طرفان بابر اعظم 40، آصف علي 38 ۽ پروفيسر حفيظ 34 ناٽ آئوٽ رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا جڏهن ڪيويز طرفان ايڊم ملني 2 رانديگرين کي پويلين ڀيڙو ڪيو. شاندار ڪاڪردگي ڏيکارڻ تي شاهين آفريدي کي مئچن جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته پاڪستان 31 آڪٽوبر تي کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪيويز کي 2 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي مئچ 4 نومبر تي کيڏي ويندي. ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي، ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل سريز گڏيل عرب رياستن کيڏي ويندي.