آچر 18 نومبر 2018ء

پاڪستان آسٽريليا کان پوءِ نيوزيلينڊ کي به وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: دبئي: ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 47 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ورتو. دبئي ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان 167 رنسن جو هدف ڏنو. جنهن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 119 رنسن تي ڍير ٿي وئي. وليمسن 60 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته اوپنر فلپس 26 رنسن جي اننگ کيڏي. نيوزيلينڊ جا 8 رانديگر ڊبل فگرز ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، ڪولن منرو 2، گرينڊ هومي 6، چيپمين 2، ٽيلر 7، سيفرٽ ٻُڙي، سائوٿي، ٻُڙي، فرگوسن ۽ رينس هڪ هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته سوڍي 11 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان اسپنر شاداب خان سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، عماد وسيم ۽ وقاص مقصود 2، 2 ۽ اشرف هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.