آچر 18 نومبر 2018ء

ڀٽائي سائين رحه بادشاهن ۽ راجائن جو ماڻهو نه هو...؟

استاد لغاري <> حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه، پنهنجي ڪلام ۾، ڪيترن ئي بادشاهن، حڪمرانن ۽ راجائن جو ذڪر ڪيو آهي. ان جو مطلب اهو ڪونهي، ته ڀٽائي صاحب ڪو اسٽبلشمنٽ جو ماڻهو هو. اهڙي قسم جي ڳالھه چوڻ يا ڪنهن مذاڪري جو منعقد ڪرڻ، دراصل ان ڳالھه ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي برابر آهي ۽ سراسر غلطيءَ جي ذمري ۾ اچي ٿو. اڄ ڪلهھ جا نوجوان، جيڪي ڀٽائي رحه جي ڪلام، فڪر ۽ فلسفي تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ڀٽائي رحه جي ڪلام ۽ پيغام کي سمجھيو ئي ناهي. عمر بادشاھ هو، راڻو وزير هو، چنيسر راءُ راجا هو، پنهونءَ شهزادو هو، ميهار امير گھراڻي جو گھوٽ هو، رانجھو تخت هزارا جو تاجدار هو، سمو ڄام سلطان هو، راءِ ڏياچ سخي سردار هو، ڍولو نرور سيريين جو سينگار هو ۽ ڄام لاکوڄمندي ڄام هو. ڀٽائي صاحب جڏهن انهن يا اهڙن اميرن ۽ وزيرن جو ذڪر ڪري ٿو، ته هو انهن جي آدرشن، اخلاقن، انسان دوستي ۽ قربانيءَ واري رخ جو جلوو پسائي ٿو. “سُڻندي ئي سُلطان کي، ظاهر ٿيو ذاتي”. يعني جڏهن راوَ ڏياچ “رُون رُون” ڪندڙ، سُرندي جو ساز ٻُڌو، ته ان جو قلب کُلي پيو. ان سخي سردار، سُواليءَ جي صدا پُوريءَ ڪرڻ جي لاءِ، سِر به ڏيئي ڇڏيو. عمر بادشاھ، جڏهن مارئي ملير موٽائي، ته ان موقعي ۽ مهل وارو پس منظر چٽيندي، لطيف رحه فرمائي ٿو: کٿيءَ منجهھ خِلافُ، رهيو نه رتيءَ جيترو، لٿو لوئڙياريين، گُوندر جو غِلافُ، ميرا لاٿا ماروئين، سڀ اوڍيائون صافُ، ملير مڙوئي معافُ، عمر انعامي ڪيو. عمر بادشاھ، ملير جي ماروئڙن کي، انهيءَ ڪري ملڪ مڙوئي معاف ۽ مباح ڪري ڏنو، جو مارئي، جھانگيئڙن جو جھُوپو، ماڙيءَ تي ڪو نه مٽايو. سُهڻا سون، سڳڙن جي برابر سمجھي، پنهنجي ٻانهن ۾ ڪو نه ٻَڌائين. عمر بادشاھ، مارئي جي سَت ۽ سِيل سلامت رکڻ جي لاءِ، انهيءَ ڪري مجبور ٿي ويو، جو مارئي، پنهنجو پيارو پِيّه پُڇندي رهي. عمر جا عيد جهڙا، ست رڇي لذيذ طعام، سُوءِ برابر سمجھندي رهي. ساڳيءَ وانگر، جڏهن شاھ صاحب سُر“ ڪاموڏ ” تي اچي ٿو، ته نُوريءَ جي نِوڙت، اخلاق ۽ سُونهن جي اڳيان، سنڌ جي صاحب لوڪ سردار، سمي ڄام سُلطان کي، صفا موهت ٿيندي ۽ هار کائيندي ڏيکاري ٿو. ڪو جو ڪامڻ مي، آهي اکڙين ۾، تن تماچيءَ ڄام جو، ناڀُون پايو ني، عشق ايئن ڪري، جئن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪِيو. اهو سڄو ڪمال عشق جو آهي، مُحبت جو آهي ۽ نينهن جو آهي. جيڪو بادشاهن، راجائن، حاڪمن، اميرن، وزيرن، شهزادن، سُلطانن، سردارن ۽ گھوٽن کي به گھوٽي، نپوڙي ۽ صفا فنا ڪريو ٿو ڇڏي. ڀٽائي، اگر اهڙي ڪنهن امير جي باري ۾ شعر لکي ٿو، ته ان جي معنيٰ اها اصل ڪو نه هوندي آهي، ته ڪو“ڀٽائي اسٽبلشمنٽ جو ماڻهو آهي”. “مور ڇل مٿاس، هڻي ڄام هٿن سين” جي معنيٰ هي آهي، ته “جيڪا مسڪين مي مُهاڻي، اخلاق جي علمبردار ۽ سونهن جي راڻي آهي، ته ان جي آڏو، سنڌ جو صفا سگھارو ۽ دٻدٻي وارو حاڪم به آخرڪار، بنھ بيوس ۽ مجبور بنجي ويو”. “ڪِبر ڪِبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو”. تماچي ڄام جي سرداري سرمستي ۽ حاڪماڻي هستي، اخلاق ۽ نِوِڙت جي آڏو، صفا نيچ، هيچ، حقير ۽ مٽيءَ جي چِپٽي برابر به ڪا نه ٿي رهي. تڏهن ته نوريءَ جي مٿان، مور جي کنڀن وارو پکو ۽ وِڃڻي، ڄام تماچي، پنهنجن هٿن سان ويٺو هڻي. شاھ جي ڪلام ۽ پيغام کي، ڪڏهن به منفي رخ ۽ سوچ سان ڏسڻ نه گھرجي. شاهه صاحب ته چورن جي به ساراھ ڪئي آهي. نه فقط ايترو، بلڪهِ چور واريون وصفون اختيار ڪرڻ جي به صلاح ڏني آهي. جي ڀانئين پرين مڙان، ته سک چوران ڪي تاتِ، جاڳڻ جشن جن کي، سُک نه ساريءَ راتِ، اُجھي ٻُجھي آئيا، وائي ڪن نه واتِ، سلي سُوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نه باتِ، توڙي ڪُسنِ ڪاتِ، تپ ساڳي سلنِ ڪِينڪِين. ته ڇا اسان ايئن سمجھون، ته “ڀٽائي رحه چورن جو ساٿاري هو؟” ايئن هرگز ڪونهي. بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلائي، لهريون پيدا ڪرڻ وارو ڪم ته آسان آهي، پر پوءِ انهن لهرين کي روڪڻ، ته ڪنهن جي وس جي ڳالهھ ڪونهي. هيءُ اهو ئي ڪم آهي، جيڪو اسان جي نوجوانن، ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاھ ۾، مذاڪري دوران سرانجام ڏنو. ڪنهن جي وهم و گمان ۾ به نه هوندو، ته “ڀٽائي اسٽبلشمنٽ جو ماڻهو هو”. ليڪن اهڙو مذاڪرو منعقد ڪرائي، ماڻهن جي ذهنن ۾، اهو اجايو ۽ فرسوده خيال داخل ڪيو ويو. ماڻهو ڀٽائيءَ بابت، اهڙو اُلجھائيندڙ تصور ذهنن ۾ کڻي، ڀٽ شاھ مان ته واپس هليا ويا، پر پوءِ ان تصور کي زائل ڪرڻ جي لاءِ، جيڪي ترديدون ۽ وضاحتون ڪرڻيون پئجي ويون، انهن جو الميو اسان جي اڳيان موجود آهي. ماڻهو ته بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر، هرو ڀرو به هڻي وڃن ٿا. ڏسو! ماڻهن جو تنقيدي تصور ته هن ريت به ڪم ڪري وڃي ٿو، جيڪي چون ٿا: “هڪ مهراڻي ۽ ٻيو مهراڻوي. هڪ اڪبر لغاريءَ جو ماڻهو ۽ ٻيو سيد سردار شاھ جو ماڻهو. هڪ کي“لطيف ايوارڊ” ملي ٿو، ته ٻئي کي به“لطيف ايوارڊ” ملي ٿو. ميلي جي موقعي کان ٿورڙو اڳ ۾، مهراڻي ۽ مهراڻويءَ جي پاران، محترم اڪبر لغاري ۽ سيد سردار شاھ جي باري ۾ ڪيل ثناخوانيون، ماڻهن جي موبائيل سيٽن ۾، اڃان تائين محفوظ بيٺل آهن. ته ڇا “لطيف ايوارڊ” حاصل ڪرڻ جي لاءِ، صرف دوستيءَ وارو دڳ باقي وڃي بچيو آهي؟ اهليت، قابليت ۽ لياقت، پنهنجي پنهنجي وجود جي جنگ هارائي ويٺيون آهن؟”.توڙي جو اسين ماڻهن جي راءِ سان متفق نه به هجون، پر پوءِ به ماڻهن جو تنقيدي تصور، ٻين جي ذهنن ۾ سواليه لهريون ته پيدا ڪري وڃي ٿو. جن کي روڪڻ جي لاءِ، ڀلي ڪيتريون به وضاحتون ۽ ترديدون پيش ڪيون وڃن، البت اهي ناڪافي ۽ اڻ پوريون هجن ٿيون. اسين سمجھون ٿا، ته اهي ٻيئي نوجوان، محترم شير مهراڻي ۽ محترم بخشڻ مهراڻوي ،“لطيف ايوارڊ” حاصل ڪرڻ جا، پورا پورا حقدار آهن. ٻنهيءَ نوجوانن کي، پنهنجي پنهنجي شعبي ۾، ڪماليت ۽ عبور حاصل آهي. ڪنهن به نقاد يا حاسد کي، حسد واري عينڪ لاهي، حقيقت واري عينڪ اکين تي چاڙهڻ گھرجي ۽ انهن ٻنهيءَ نوجوانن کي“لطيف ايوارڊ” ملڻ جي ڀرپور آجيان ۽ خوشيءَ ڪرڻ گھرجي. باقي ڀٽائي سائين جي باري ۾،“اسٽبلشمنٽ” وارو تصور، جيڪو ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ داخل ڪيو ويو آهي، اهو توڙي جو ڪنهن به انسان جي لاءِ قابلِ قبول ڪونهي، پر حيرت ۽ عجب واري ڪيفيت ۽ لڪير، جيڪا ماڻهن جي ذهنن ۾ ڇڪجي ويئي آهي، ان کي ڊاهڻ ۽ زائل ڪرڻ ۾، اڃان ڪيترائي ڏينهن، مهينا ۽ سال لڳي سگھن ٿا.