آچر 18 نومبر 2018ء

وقت، زندگي، پئمانا ۽ سوال..!

غلام مصطفي جمالي<<<<<<< انسان ڪيترا ئي روپ رنگ وٺِي دنيا جي تختي آيو، انهي  انسان کي الله صرف انسان جو لقب ڏئي دنيا ۾ موڪليو نه رنگ ڏٺو نه روپ، نه سهڻو، نه بدصورت، نه ڪارو، نه گورو صرف انسان…پر انسان وقت حالات سان گڏ بدلجي ويو، پٿرن جي دور کان ويندي سحرائن جي سفرن تائين انسان جو دور رهيو پر وقت ڪنهن جو انتظار نه ڪيو ۽ پنهنجي طرف جي آخري پڄاڻي تائين هلندو رهيو ۽ انسان بي وس ٿي سندس پٺيان ڊوڙندو رهيو ان ڊوڙ ۾ جتي جتي وقت ڪلاٽيون کاڌيون اتي انسان نت نوان تجربا ڪيا وقت ڇا آهي، آخر اها ڪهڙي بلا آهي جيڪا مسلسل وهڪري ۾ آهي؟ اهو وهڪرو ڪڏهن به بند ناهي ٿيو.ڪروڙين سالن کان اهو وهڪرو هلندو آيو آهي ۽ خبر ناهي مستقبل ۾ الائي ڪيستائين هلندو رهندو؟ ڪلهه جڏهن مان هيس ئي ڪو نه پوءِ اهو هو، اڄ مان آهيان پوءِ به هلي ٿو پيو ۽ سڀاڻي وري جڏهن مان نه هوندس ته پوءِ اهو ساڳي رفتار سان پيو هلندو رهندو. اڳي ڪٿي هو ۽ هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهي؟ اگر گذري چڪو آهي ته پوءِ هاڻي ڪٿي آهي پر جيڪڏهن اڃا ناهي آيو ته پوءِ آخر ڪٿي ترسيل آهي؟ ضرور ڪٿي نه ڪٿي ته هوندو. اهو ڪهڙي هنڌان شروع ٿئي ٿو ۽ وري ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ هميشه لئه الائي ڪاڏي گم ٿي وڃي ٿو؟ اهو آخر ڪڏهن کان ڪيستائين هلڻو آهي، انجو منڍ ۽ پڇڙي ڪٿي اٿس؟ اهو آخر ڪهڙو وهڪرو آهي جيڪو بنا ڪنهن طاقت جي ساهي پٽڻ کان سواءِ ڪيترن ئي صدين کان هلي رهيو آهي؟ هي واقعا، حادثا، ڏکن جا انبار توڙي مرڪن جا مٽ، اکين مان ٽمندڙ ڳوڙها توڙي چپڙن تان ورتل مُٺيون، پيار مان پاتل ڀاڪر ۽ جهپيون توڙي نفرت مان ڏنل ڌڪا ۽ ٿاٻا، مائن جا آسمان ڏانهن دعا لئه کنيل هٿڙا، ڪنهن يتيم جي زبان مان نڪتل پاراتا، فقير جي خيرات لئه جهليل ڦاٽل جهولي، سر تي اوڍيل اجرڪ، ڪوڙي تعريف ۾ چيل خوشامدي لفظ يا وري  ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڏنل گاريون ۽ بُجا، هي ڏک ۽ ڏوجهڙا، خوشين جا شادمانا، مقتل ۾ رت ۾ ٿڦيل پيارن جا لاشا، ميڪ اپ جي تهن ۾ ٻڏل ڪا سهڻي ڪنوار، قبرستان ۾ پوري آيل محبوب جو سرد جسم، گهر ۾ ڄاول نئون ابهم ٻار، هي سڀ ساز ۽ آواز، موتي جي مرثيا، ڪاڄ جا سهرا، جنگيون، جهيڙا، دهشتگردي ڦرون، ميلا ملاکڙا، محفلون توڙي تقريبون، گولين، بمن ۽ بارود جاڌماڪا ۽ ٺڪاء، جهرڪين جي چون چون، بلبل جو گنگنائڻ، ڪويل توڙي چڪور جون ڪوڪون، بک بدحالي، ڏڪار، غربت توڙي دعوتون، افطارون ۽ وليما، ڪٿي مئلن کي غسل لئه پاڻيءَ لپ نه لڀي ته ڪٿي مئخاني ۾ جام پيو ڇلڪي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا انيڪ واقعا پل پل ۾ رونما ٿي رهيا آهن ۽ ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ اهي ڪک پن بڻجي ڪنهن اڻ ڏٺي درياء ۾ لڙهندا پيا وڃن. اهي لمحا ڪنهن پل هِتي آهن ته اڳلي پل پري ٿي آخر ڪار اکين کان اوجهل ٿيندا ۽ هميشه لئه غائب ٿيندا وڃن ٿا. بظاهر نظر ته ڪجهه به نه ٿو اچي پر اهڙو ڪجهه ته آهي جيڪو وهي رهيو آهي ۽ سڀني رونما ٿيندڙ واقعن کي پاڻ سان گڏ لوڙهيندو وڃي رهيو آهي. اهو آخر ڪهڙي قسم جو درياء آهي، جيڪو الائي ڪهڙن جبلن کان شروع ٿئي ٿو ۽ نه ڄاڻ الائي ڪهڙي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. تلوار ڀالا تير کان وٺي انسان ايٽم تائين وڃِي پهتو پر انسان رڳو انهي ڳالهه ۾ اڳيان رهيو پر سندس وهشت سندس سوچ ۾ تبديلي ته آئي پر انهي وحشت انهي سوچ انهن انسان کي سوچ تي گهري سمونڊ ۾ غوطا کائڻ تي مجبور ڪيو. رات  مون لفظن کي ڳلاٺڙيون پائي پرچائڻ جو ڪوشش ڪئي پر لفظ پرين واري پر تي پير پڪا ڪري بيهي رهيا منهنجي منٿن جو  ٺڪاءُ پر رات لفظ ۽ پرين بلڪل هڪ جهڙا لڳا، مان مجبور ته گهڻي هيس پر نه پرين پرتو نه ئي لفظن ساٿ ڏنو پر همت ۽ حوصلو ساڻ هنيا جنهن هٿن ۾ هٿ مضبوتي سان  جهليا هئا، جنهن ساٿ نه ڇڏڻ جو قول قرار وعده وچن  ڪيا هئا  پر دل تمام پري هئي ۽ جڏهن صدين جي  غلامي جي پاڇن ۾ پلجندڙ قوم جي ذهني ۽ فڪري بيهڪ ڏسڻي ۽ ماپڻي هجي ته پوءِ پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اسان کي پنهنجي ئي هلت چلت ۽ قول فعل کي ڏسڻ گهرجي. اسان اها ئي قوم آهيون، جنهن غلامانه سوچ ۽ جاگيردارانه فڪر کي مصر جي مميز وانگر پنهنجي ذهنن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري رکيو آهي . غلط فهمين، محرومين، ۽ پيڙائن جي دز اسان جي اکين ۾ اهڙي ريت ته گهر ڪري ويٺي آهي ، جو اسان سونهن، سچ ۽ حق کي به ڏسي ۽ پرکي نٿا سگهون. اسان جيڪو پاڻ سوچيون ٿا، ان کي ئي صحيح ڄاڻون ٿا ۽ لٺ کڻي ٻين کي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪريون ٿا. اسان جيڪو پاڻ ڪيون ٿا ، ان کي درست ڄاڻون ٿا ۽ ٻين کي پنهنجي پوئلڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيون ٿا. اسان سوچن ۾ بنهه ٻاراڻي اوستا وارا انسان بڻجي پيا آهيون . جيئن ٻار چاهيندو آهي ته سندس ماءُ ڪو به ڪم نه ڪري ۽ فقط کيس ريجهائي پرچائي ، تيئن اسان به هر ڪنهن ڏاهي، مدبر، سوچ ڌڻي ۽ دانشور ۾ اهڙي ئي اميد رکون ٿا ته هو اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي ، ڳالهائي ، سوچي ۽ لوچي . اسان جا جيڪڏهن افعال ايستائين غير جمهوري هجن ته به ڪڏهن نه  ڪڏهن فڪري ۽ علمي آزاديءَ جي تازي هوا اسان جي سوچن ۾ ڦيرو آڻي سگهي ٿي . ليڪن پاڻ وٽ ته ڳالهه اڃا اَور آهي. هتي ته مامرو ئي ٻيو آهي. اسان جن حالتن مان گذرون ٿا ، انهن جي تقاضا اها آهي ته ڪجهه وقت اجتماعي جياپي ۽ وجود لاءِ پاڻ گڏ ٿيون. ليڪن پاڻ ائين نٿا ڪيون. اسان کي جڏهن متحد ٿيڻ گهرجي ته ان وقت باهمي اختلافن جو شڪار ٿي وڃون ٿا.اسان کي جتي محبت ڪرڻ گهرجي، اتي نفرتن جا واهڙ وهائي ڇڏيون ٿا. اسان کي جتي عفو ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، اتي ڪڏهن به معاف ڪرڻ نٿا گهرون. پر ڳالهه اڃا اَور آهي! اسان الائي ڪهڙي عينڪ پاتي جو پنهنجن جون چڱايون به اسان کي عيب لڳن ٿيون. اسان جي اندر وارين اکين مان بصيرت جي قوت اهڙيءَ ريت ته ختم ٿي وئي آهي، جو پاڻ کي ڪنهن جو ڳڻ ڪنهن جي صلاحيت ۽ ڪنهن جي خوبي به نظر نه ٿي اچي . ان جي برعڪس جنهن ۾ ڪا چڱائي يا صلاحيت ڏسون ٿا ته چڙي پئون ٿا.. آهي ڪو انهيءَ بدنصيب، دانشور ۽ قلمي پورهيت کان  پڇي ته تون ته خلوص مان خلاص ٿي رهيو آهين ۽ پنهنجي سوچن جي رت کي مس بڻائي ڌرتيءَ خواهه ڌرتيءَ ڌڻي جي مسئلن، ماضي، حال، مستقبل تي لکي رهيو آهين، پر ڪن ماڻهن وٽ ته تنهنجو دڪو به داخل نٿو ٿئي . ويتر ان جي برعڪس اهي ته توکي پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي گهر کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويٺا آهن . اهو حشر فقط  ۽ فقط اديب جو نه آهي . سماجي ڪارڪن هجي، صحافي يا فنڪار هجي قوم جو خير خواهه پر جيڪڏهن هو واقعي خير خواهه ، پر خلوص ۽ بي لوث آهي ته دشمنن کان اڳ پنهنجا هن جا تختا ڪڍندا ۽ پراون کان اڳ هن تي اهي ناراض ٿيندا، جن لاءِ هو سوچي يا لوچي رهيو هوندو. رسڻ جي اها ريت عام ۽ عوام کي ڪانه ٿي اچي. جيڪڏهن انهيءَ جا ماهر آهن ته اهي جيڪي پاڻ کي لکيل پڙهيل ۽ عقل جا اڪابر ڄاڻن ٿا. هنن ويچارن جي اها مجبوري آهي ته هو پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نٿا سگهن. هو لال جا آرسي آهن ۽ عمل جي دنيا ۾ گڙنگ موالي آهن. ان ڪري ذهن جو فتور هنن لاءِ انوکي قسم جا الهام کڻي ايندو آهي. هو اهڙين ئي سوچن کي عام ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو اهڙن لولن لنگڙن انسانن برابر آهن ، جيڪي راهه وٺي ويندڙ هر ڪنهن مسافر کي پنهنجي بيساکيءَ سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن . ڇو ته هو پاڻ اڳتي وڌي ۽ منزل طرف وڃي نه سگهندا آهن.اهڙا لولا لنگڙا انڌا۽ منڊا انسان به ته پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جا آهن. اڪثر ڪري ڪو به لولي لنگڙي ۽ انڌي منڊي گهر ڀاتي کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڪونه ڇڏيندو آهي. اوهان ۽ اسان به ائين ڪرڻ تي مجبور آهيون. انڪري انهن کي لوڌي ڪڍڻ بدران کين ڳراٽڙيون پائي ، هٿ ٻڌي ليلاٽيون ڪري اهو سمجهائڻو پوندو ته اهي اجايو رسڻ ڇڏي ڏين۽ ائين ناراض نه ٿين. پنهنجي قوم جي انهيءَ طبقي کي سمجهائڻ لاءِ پاڻ کي کليو ڪتاب بنائڻو پوندو ۽ وڏي صبر خواهه تحمل سان انهن حالتن جو انتظار ڪرڻو پوندو، جن جي روشنيءَ ۾ هو حق، سچ ۽ سونهن کي ڏسي ۽ پرکي سگهن.