آچر 18 نومبر 2018ء

اتفاق ۽ مفاهمت

عباس مهڪري<<<<<<< اهو عجيب اتفاق آهي ته سيپٽمبر 2004ع ۾ چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو دؤرو ڪرڻو هو پر پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ڌرڻو هنيو هو، جنهن جي ڪري چين جي صدر کي پنهنجو دؤرو ملتوي ڪرڻو پيو، چئن سالن کانپوءِ هاڻي وري پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پاڪستان جي وزير اعظم جي حيثيت سان چين جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ ان جي دؤري کان اڳ ئي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو، جمعي، 02 نومبر 2018ع تي جڏهن وزير اعظم عمران خان چين جي صدر شي جن سان انتهائي تاريخي ملاقات ڪري رهيو هو ته ان وقت مذهبي پارٽين طرفان هڙتال جي سڏ سبب پوري پاڪستان ۾ زندگي مفلوج هئي، مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن آسيه بي بي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڌرڻا هنيا هئا. جي ها! جيڪڏهن انهن واقعن کي اتفاقي طور ئي ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهندو ته 4 سال اڳ چين جي صدر جو دورو ملتوي ٿيو ۽ چئن سالن کانپوءِ پاڪستان جو وزير اعظم ان تاثر سان چين جي دؤري تي روانو ٿيو ته ان جي ملڪ ۾ داخل ئي انتشار ۽ افراتفري آهي، وزير اعظم عمران خان چين جي دوري کان اڳ ڌرڻو هڻندڙن ۽ احتجاج ڪندڙن کي خبردار به ڪيو هو ته رياست کي ڪمزور تصور نه ڪيو وڃي ۽ اهو به واضح ڪيو هو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، ان باوجود ان جي چين جي دؤري دوران ملڪ ۾ حالتون انتهائي ڇڪتاڻ واريون رهيون ۽ اتفاق سان پاڪستان ۾ اهڙن موقعن تي اهڙن اتفاقن ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ان تناظر ۾ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري جي ان سياسي آڇ کي سمجھڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سان ملي ڪري هلڻ لاءِ چيو آهي ۽ حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته هوءَ مخالف ڌر سان ملي ويهي ته جيئن پاڪستان لاءِ ايندڙ 20-25 سال جي منصوبا بندي ڪري سگهجي، هن اها آڇ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، جنهن کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن ڀليڪار به ڪيو، هن لکڻيءَ دوران آصف علي زرداريءَ جي ان آڇ تي تحريڪ انصاف جي ڪنهن ميمبر به اهو نه چيو ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪرڻ يا اين آر او وٺڻ لاءِ آصف زرداري اهڙي آڇ ڪري رهيو آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت کي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ڳالهيون سمجھه ۾ اچي رهيون آهن، جيڪي مخالف ڌر ۾ هوندي شايد ان کي سمجھه ۾ نه اينديون هيون، اڃا تمام گهڻين ڳالهين کي پرکڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته پاڪستان تحريڪ انصاف، پاڪستان جي بنيادي ڌاري واري سياسي پارٽي نه آهي، اها ان ڌاري ۾ هاڻي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ شامل ٿي رهي آهي، ڇو ته پاڪستان جي سياست جا تضاد ان کي حڪومت هلائيندي محسوس ٿي رهيا آهن، مخالف ڌر ۾ سياسي پارٽي هجڻ جي ناتي ان کي انهن تضادن جو احساس نه ٿيو هو. آصف علي زرداري پنهنجي سياسي آڇ جي تائيد ۾ ڪجهه دليل قومي اسيمبليءَ ۾ به ڏنا هئا ۽ ڪجهه دليل ان جي انٽرويو ۽ بيانن مان به سامهون آيا، انهن دليلن جو تفصيل ائين آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي دوست ملڪن مان ڪجهه ارب ڊالر ملي ويندا ۽ ان سان حڪومت جون ڪجهه ضرورتون پوريون به ٿي وينديون پر اهو مسئلو مستقل حل نه آهي، مستقل حل لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي ملي ڪري حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، عالمي معاشي بحران پاڪستان کي اڃا وڌيڪ متاثر ڪري سگهي ٿو، دنيا ۾ وڏيون تبديليون ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان کي تمام گهڻا چئلينجز آڏو آهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجي وقتي مفادن لاءِ ملڪ ۾ 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن دليلن ۾ وڏو وزن آهي، هن وقت پاڪستان کي پنهنجي معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ لازمي وڃڻو آهي ۽ هن هفتي آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي رپئي جي قدر ۾ لاٿ ڪرڻي پوندي، گئس بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌارو ڪرڻو پوندو، تحريڪ انصاف جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي جي حڪومت هجي ها ته اها به ٿوري گهڻي مزاحمت سان اهي قدم کڻي ها، ڇو ته مزاحمت ڪندڙ سياسي حڪومتن کي ماضيءَ ۾ ان جو ڪيتو لوڙڻو پيو، هاڻي آءِ ايم ايف شايد پهريون ڀيرو ڳالهين ۾ پاڪستان تي اهي شرط لاڳو ڪري ته چين کان ورتل مهانگن قرضن جو سلسلو ختم ڪيو وڃي ۽ سي پيڪ جي رٿائن تي نظرثاني ڪئي وڃي، پهريون ڀيرو آمريڪي حڪومت پاڪستان جي بحران کي سي پيڪ جي رٿائن جو نتيجو قرار ڏنو آهي، ائين آهي يا نه پر اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي، آمريڪا پاڪستان کي سي پيڪ مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايم ايف ذريعي دٻاءُ وجھرائيندي، هن وقت پاڪستان ٻه واٽي تي آهي، نئين عالمي ۽ علائقائي منصوبابندي ۾ پاڪستان لاءِ فيصلو ڪندڙ مرحلو پهچي چڪو آهي، پاڪستان آمريڪي ڪئمپ ۾ رهندو يا نه، هي فيصلي جو وقت آهي، سي پيڪ رٿائن کانپوءِ چين سان پاڪستان جا لاڳاپا ڪجهه عالمي قوتن لاءِ برداشت جوڳا نه آهن، عالمي قوتن سان پاڪستان ۾ به ڪجهه حلقا سي پيڪ جا مخالف آهن ۽ پاڪستان جون داخلي حالتون هميشه اهڙي عالمي سياست سبب متاثر رهيون آهن، جنهن کي اتفاق به چيو وڃي ٿو، ٻئي طرف ڪجهه ملڪي ۽ غير ملڪي قوتون پاڪستان ۾ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام جي جاءِ تي صدارتي نظام آڻڻ جون به ڳالهيون ڪري رهيون آهن، ان ڇڪتاڻ جا به پاڪستان جي داخلي سياست تي پوندڙ اثر گهرا آهن، جن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اڄ پاڪستان جي سياسي قوتن کي ٻه بنيادي فيصلا ڪرڻا پوندا ته پاڪستان يا ته نئين عالمي ۽ علائقائي لائين ۾ بيهي ۽ پاڪستان ۾ حڪومت جو نظام ڇا هجي، جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي قوتون ان حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪري سگهيون ۽ ان ۾ اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو، ته نه رڳو معاشي بحران ختم نه ٿيندو پر سياسي عدم استحڪام به هڪ مستقل عامل بڻجي ويندو. چين جا قرض جيڪڏهن مهانگا آهن يا سي پيڪ جا ڪجهه منصوبا غير ضروري آهن ته انهن تي چين سان ڳالهائي سگهجي ٿو، چين جو رويو تمام گهڻو لچڪدار هوندو، اهڙي طرح ملڪ ۾ احتساب جو شفاف نظام قائم ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ به قدم کڻڻ تي سياسي پارٽيون پاڻ ۾ اتفاق پيدا ڪري سگهنديون ته جيئن مٿين ڄاڻايل ٻن اهم فيصلن ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ان ”ڪراس روڊ“ تي ملي هلڻ جي ڳالهه نهايت ئي مناسب آهي، نه ته اتفاق اسان کي ڪڏهن به يقيني حالتن طرف وڃڻ نه ڏيندو.