آچر 18 نومبر 2018ء

اقوام متحده ايل او سي تي ڀارتي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي

ايڊيٽوريل<<<<<<<< ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ ڪري ٻن ٻارڙن جي ماءُ کي شهيد ڪري ڇڏيو، ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي فوج ڀمڀر سيڪٽر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اشتعال انگيزي ڪئي ۽ شهري آبادي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ٻن ٻارڙن جي ماءُ منجا بي بي شهيد ٿي وئي، پاڪستاني فوج جي مؤثر جوابي ڪارروائي ۾ هندستاني ڇوڪريءَ کي نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون، پاڪستان ايل او سي تي اهڙي ڀڃڪڙي تي سخت احتجاج ڪيو آهي. ڀارتي اڳرائي ۽ ڀارتي فوج جون اهڙيون ڀڃڪڙيون ڪي نيون نه آهن ۽ انهن کي پاڪستاني فوج پاران به سخت جواب ڏنو پيو وڃي، پر ڀارت ۽ ان جي ڀارتي فوج خبر ناهي ڪهڙي جنونيت ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي، جنهن کي امن، پيار ۽ محبت جي زبان سمجھه ۾ نٿي اچي، سڀني کي اها ڳالهه ياد هوندي ته عمران خان 18 آگسٽ تي وزير اعظم طور حلف کڻي ڀارت ڏانهن امن ۽ محبت جو هٿ وڌايو هو ۽ سندس حلف برداريءَ ۾ ڀارت جو مشهور ڪرڪيٽر ۽ سياسي اڳواڻ نجوت سنڌو واگها بارڊر ذريعي نهايت ئي جوش ۽ جذبي سان پاڪستان آيو، جنهن کي تمام گهڻي عزت ڏني وئي، ايتري تائين جو حلف برداري تقريب ۾ نجوت سنڌو پاڪ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڀاڪر به پاتو ۽ نهايت ئي خوشگوار موڊ ۾ ڀليڪار به ڪئي، جنهن ڳالهه کي نجوت سنڌو هندستان وڃي نهايت ئي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو پر هندستان جي جنوني ميڊيا ۽ جنوني سوچ ان کي به غلط رنگ ڏنو، اهڙي طرح ڏکڻ ايشيا جي هن ٻن اهم ملڪن ۾ امن ۽ محبت جو هڪ وڏو موقعو ضايع ڪيو ويو، ڪجهه وقت اڳ پاڪستان طرفان هندستان کي امن ڳالهين لاءِ خط لکيو ويو، جنهن جو جواب مثبت آيو ۽ هندستان جي پرڏيهي وزير سشما سراج ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ ۾ گڏيل قومن جي اجلاس دوران ملاقات ڪرڻ جي حامي به ڀري وئي پر ان جي هڪدم ٻئي ڏينهن هندستان اهڙي ملاقات رد ڪري ڇڏي ۽ اهڙي خبر جي به ترديد ڪري ڇڏي، جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته هندستان ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ زخمي شينهن وانگر سڀني کي کائي کپائڻ چاهي ٿو پر گهٽ ۾ گهٽ هو پاڪستان جهڙي ملڪ کي کائي کپائي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته جهڙو طاقتور هو پاڻ کي سمجھي ٿو، اهڙو طاقتور پاڪستان به بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جي نه رڳو دنيا پر ڏکڻ ايشيا ۾ هن وقت نهايت ئي اهم پوزيشن آهي. جيستائين ايل او سي تي ڀڃڪڙين جو سوال آهي ته ان تي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته هندستاني جنونيت پاڪستان کي نقصان نه پر خود پنهنجي ئي قوم ۽ عوام کي نقصان ڏئي رهي آهي، اڄ هندستان جون اندروني حالتون به سڄي دنيا کي خبر آهن، جتي ڪو مذهبي ماڻهو خوش نه آهي، هندو انتها پسندي ٻين مذهبي ماڻهن جي ڄڻ ته زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي، وري پاڪستان سان اجائي اڳرائي ۽ دشمني ويتر هندستان جي جنونيت کي ظاهر ڪري ڇڏيو، اسين گڏيل قومن ۽ خود هندستان جي گهڻ گهرن کي استدعا ڪنداسين ته هو هندستان جي حڪمرانن کي سڌي راهه ڏيکارڻ لاءِ ڪوششون وٺن، جن مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ سبب نه رڳو پنهنجي عوام پر ڏکڻ ايشيا جي امن کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، تنهنڪري گڏيل قومون به ان معاملي جو نوٽيس وٺن.