آچر 18 نومبر 2018ء

ڀارتي ظلم ڪشمرين جي جدوجهد کي نه ٿا دٻائي سگهي: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي: ويب ڊيسڪ: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڪشميري شهيدن واري ڏهاڙي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي ظلم ڪشميرين جي جدوجهد کي نٿو دٻائي سگهي. پنهنجي بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور 6 نومبر 1947ع کان هن وقت تائين سمورن ڪشميري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪشميري شهيدن جون قربانيون نيٺ رنگ لائينديون. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي خود اراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج جو ظلم ڪشميرين جي جدوجهد کي نٿو چيڀاٽي سگهي.