آچر 18 نومبر 2018ء

قومي اسيمبليءَ ۾ يوم اقبال جي موڪل بحال ڪرڻ جي قرارداد تي بحث

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ 9 نومبر تي يوم اقبال جي موڪل بحال ڪرڻ جي قرارداد تي بحث ٿي. مسلم ليگ ن جي نثار چيما يوم اقبال تي نو نومبر تي عام موڪل بهال ڪرڻ جي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن ٻنهي پارٽين جي ميمبرن موڪل جي مخالفت ڪئي. شيرين مزاري چيو ته 9 نومبر تي اوڀر جي شائر جي پيدائش جو ڏينهن اسان کي موڪل نه ڪرڻ گهرجي پر اسيمبلي جو اجلاس ڪري ان جي فڪر تي ڳالهائڻ گهرجي، معزز ميمبر قرارداد آڻڻ کان اڳ پنهنجي پارٽي سان مشورو ڪري وٺن ها ته سٺو ٿئي ها. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي ۽ وفاقي وزير تعليم ۽ تربيت شفقت محمود به موڪل جي مخالفت ڪندي چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته اسان ان قرارداد کي رد نه ڪريون ته بهتر آهي ڇو ته ان سان ڪوبه سٺو تاثر نه ويندو، منهنجي خواهش آهي ته نثار چيما پنهنجي قرارداد واپس وٺي ڇڏي.