آچر 18 نومبر 2018ء

شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“ ريليز کان اڳ ئي ڏکيائين جو شڪار، فلم بابت مذهبي دل آزاري جي شڪايت داخل

ممبئي (سوڀ نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاه رخ خان جي فلم ”زيرو“ ريليز کان اڳ ئي ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي جنهن ۾ دهلي سکهه گردواره منيجمنٽ ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري مجندڙ سنگهه سرسا شاه رخ خان تي فلم ۾ مبينه طور تي سکهه برادري جي مذهبي جذبن کي ڇيهو رسائڻ تي شڪايت داخل ڪئي آهي. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب دهلي سکهه گردواره منيجمنٽ ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري مجندر سنگهه سرسا مبينا طور تي شڪايت داخل ڪرائي ته سکهه برادري طرفان ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن ته فلم جي پرومو ۾ سکهه برادري جي مذهبي جذبن کي ڇيهو رسايو ويو آهي. فلم هلندڙ سال 21 ڊسمبر تي ريليز ڪئي ويندي.