آچر 18 نومبر 2018ء

ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، شوپيان ۾ 2 ڪشميري نوجوان شهيد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (سوڀ نيوز) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران شوپيان ضلعي ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج ضلعي جي صفا نگري واري علائقي ۾ ڳولا واري ڪارروائي دوران محمد ادريس سلطان ۽ عامر حسين کي شهيد ڪري ڇڏيو. آخري اطلاع ملڻ تائين علائقي ۾ ڳولا واري ڪارروائي جاري هئي.