آچر 18 نومبر 2018ء

ملڪ هاڻ ادائيگين جي توازن جو بحران ناهي رهيو: وفاقي وزير اسد عمر

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ ادائيگين جي توازن ۾ موجود بحران کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چين جي دوري بعد پرڏيهي کاتي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته هو دو ٽو لفظ ۾ اِهو چئي رهيو آهي ته ادائيگين جي توازن ۾ موجود بحران هاڻ ختم ٿي چڪو آهي ۽ مستقل توازن آڻڻ جي لاءِ برآمدات وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته 12 ارب ڊالر گهربل هئا، سعودي عرب 6 ارب ڊالر فراهم ڪيا ۽ باقي ڪجهه رقم چين مان آئي آهي جنهن بعد پاڪستان فوري طور تي بحران مان نڪري چڪو آهي. هن چيو ته اعليٰ سطح جو وفد 9 نومبر تي چين وڃي رهيو آهي جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به شامل هوندو ۽ اِهو وفد چين ۾ ادائيگين جي توازن جي حوالي سان معاملا طئي ڪندو. هن چيو ته ٻه مهينن کان شور ڪيو پيو وڃي ته معيشت تباهه ڪري ڇڏي پر برآمدات جي لاءِ اسان 2 اڍائي مهينن ۾ ڪيترا بندوبست ڪيا آهن. ان کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر دوري تي رڳو اِهو سوال نه هئڻ گهرجي ته مليو ڇا آهيئ دورن مان ڪجهه ٻيو به حاصل ڪيو ويندو آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزير اعظم چين جو دورو مفيد رهيو، چين جي دوري جا چار مقصد هئا، چين جي به خواهش هئي ته اسان دورو ڪيون. هن چيو ته چين سان لاڳاپن جي نوعيت منفرد آهي، چين سان لاڳاپا اسٽريٽجڪ ته هئا ئي واپار تائين وٺي وڃڻ چاهن پيا. اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي معاشي شرڪتداري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته دوري جي پڄاڻي تي 15 معاهدن ۽ سمجهوتن تي صحيح ٿي ۽ اسٽريٽجڪ ڳالهين کي وڌائي پرڏيهي وزيرن تي آندو ويو آهي.