آچر 18 نومبر 2018ء

رڳو هڪ بئنڪ جي ڊيٽا چوري ٿي: اسٽيٽ بئنڪ ٻين بئنڪن بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ رڳو هڪ بئنڪ کانسواءِ ٻين بئنڪن جو ڊيٽا چوري ٿيڻ واريو خبرون رد ڪري ڇڏيون. مرڪزي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پريس پڌرنامي موجب هڪ بئنڪ جي ڊيٽا چوري ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن ۽ ٻين بئنڪن جي ڊيٽا چوري ٿيڻ جا ثبوت ناهن مليا جڏهن ته ٻي ڪنهن بئنڪ يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان حوالي سان آگاهي ناهي ڏني. اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته 27 آڪٽوبر تي هڪ بئنڪ جو سيڪورٽي ٽوڙي وئي هئي پر ان کانپوءِ اهڙو ڪو به واقعو پيش ناهي آيو. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته سائيبر خطري جي نشاندهي ۽ تدارڪ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيو آهن، بين القوامي پيمنٽ اسڪيمن کان مدد وٺڻ جون هدايتون پڻ ڪيون آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي هڪ اسلامي بئنڪ جي آن لائين سسٽم تي سائيبر حملو ٿيو هو جنهن ۾ هيڪرن عالمي ادائيگيون ڪيون هيون جڏهن ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي سائيبر ڪرائمز ونگ جي ڊائريڪٽر انڪشاف ڪيو هو ته ملڪ تقريبن سمورين بئنڪن جي ڊيٽا هيڪ ڪئي وئي آهي.