آچر 18 نومبر 2018ء

سعودي، چين دورو: ڪا اهڙي شئي ناهي ٿي جنهن سان ملڪ کي نقصان جو خدشو هجي: پرڏيهي وزير

ويب ڊيسڪ: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپا ۾ سرد مهرا هئا جن کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته چين جو دورو ڪامياب رهيو، سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ميمبرن سعودي ۽ چين جي دوري جو ذڪر ڪيو، اوهان اطمينان رکو، ٻنهي دورن ۾ ڪا اهڙي شئي ناهي ٿي جنهن سان پاڪستان کي نقصان پهچڻ جو انديشو هجي.