آچر 18 نومبر 2018ء

توهين عدالت ڪيس ۾ عامر لياقت تي فرد جرم عائد

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين عدالت ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ نجي چينل جي اينڪر عامر لياقت تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته نجي چينل جي اينڪر شاهزيب خانزادا عامر لياقت جي خلاف وهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ اڄ عامر لياقت جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي دوران عامر لياقت تي آرٽيڪل (3) 204 جي تحت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته هن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو. ان موقعي تي عامر لياقت عدالت کان غير مشروط معافي گهرندي چيو ته مان پاڻ کي عدالت جي رحم تي ڇڏيان ٿو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان پهريان به معافي گهرندو رهيو آهيان. جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته معافي جو وقت گذري چڪو آهي اڄ فرد جرم جي لاءِ تاريخ رکي وئي هئي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته عامر لياقت 6 مارچ 2017ع جي عدالتي حڪم نامي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جيڪا توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿي.