آچر 18 نومبر 2018ء

مهمند ايجنسي ۾ بارودي سرنگهه هٽائيندي پاڪ فوج جو ڪيپٽن زرغام فريد شهيد

ويب ڊيسڪ: راولپنڊي: پاڪ فوج وڌيڪ هڪ بهادر سپوت وطن تي قربان ٿي ويو، ڪيپٽن زرغام فريد ضلعي مهمند ۾ سرنگهه هٽائيندي شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءِ واري شعبي جي سربراهه ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ڪيپٽن زرغام شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڪيپٽن زرغام فريد مهمند ضلعي جي علائقي مهمند گاٽ باورد سرنگهه کي هٽائيندي شهيد ٿي ويو جڏهن ته واقعي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو سپاهي ريحان سخت زخمي ٿي پيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته سرگوڌا سان واسطو رکندڙ ڪيپٽن زرغام جي عمر 25 سال هئي. ۽ هو غير شادي شدا هو.