آچر 18 نومبر 2018ء

آمريڪي وچ مدي واريون چونڊون: ايوان ۾ ڊيموڪريٽس ۽ سينيٽ ۾ ري پبلڪن ڪامياب

ويب ڊيسڪ: واشنگٽن: آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ حڪمران پارٽي ري پبلڪن ۽ ڊيموڪريٽس وچ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو آهي ۽ هن وقت تائين حاصل ٿيندڙ نتيجن موجب ٻئي پارٽيون سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايوان ۾ نمائندن جي 435 سيٽن مان هن وقت تائين ڊيموڪريٽس 198 ۽ ري پبلڪن 185 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪنهن به پارٽي کي ايوان جي نمائندن ۾ واضح برتري حاصل ڪرڻ لاءِ 218 سيٽون گهربل هونديون آهن. اهڙي طرح سينيٽ ۾ ري پبلڪن 51 سيٽون حاصل ڪري ورتيون جڏهن ته ڊيموڪريٽس 43 سيٽن سان پوئتي آهي. گورنرن جي چونڊن ۾ 50 مان ري پبلڪن جا 21 ۽ ڊيموڪريٽڪ جا 18 گورنر ڪامياب ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن جي مقابلي ۾ وچ مدي وارين چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس ري پبلڪن کان گورنر جون 4 سيٽون کسي ورتيون هيون جڏهن ته ايوان جي نمائندن ۾ ڊيموڪريٽڪ 19 سيٽون ري پبلڪن کان کسي ورتيون.