آچر 18 نومبر 2018ء

فرانسيسي صدر جي قتل جو منصوبو جوڙيندڙ 6 جوابدار گرفتار

ويب ڊيسڪ: پئرس: فرانسيسي صدر ايمانول ميڪرون جي قتل جو منصوبو جوڙيندڙ 6 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. فرانسيسي ڳجهي ايجنسي ڊي جي آءِ ايس جاچ کانپوءِ ٽن مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ عورت سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جن جي عمر 22 کان 62 سالن جي وچ ۾ آهي. ان حوالي سان گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار سمورن شڪي ماڻهن جو تعلق کاٻي ڌر جي پارٽي سان آهي جن جي خلاف جاري جاچ سبب جوابدارن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا. جوابدارن جي گرفتاري اهڙي موقعي تي ڪئي وئي جڏهن آچر جي ڏينهن صدر ميڪرون هڪ انٽرويو جي دوران کاٻي ڌر جي تحريڪ کي خطرو قرار ڏيندي چيو هو ته لاپرواهي 20 هين صدي عيسوي جي شروعات تي جرمني ۾ هٽلر ۽ اٽلي ۾ ميسوليني جي لاءِ رستو آسان ڪيو.