اربع 19 ڊسمبر 2018ء

ايران سان لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، روس

ماسڪو(سوڀ نيوز)روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي تهروس ۽ ايران وچ۾ لڳاپا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن،ميڊيا رپورٽن مطابق ترجمان ماريازاخاروا چيو آهي ته ايران خلاف آمريڪا پاران لاڳو ڪيل پابنديون عالمي قانون ۽ لڳاپن جي خلاف ورزي آهن، هن چي ته ٻين ملڪن خلاف آمريڪا پابندين بابت روس جو موقف واضع آهي روس انهن پابندين کي غير قانوني سمجهندي انهن تي عملدرآمد نه ڪندو،هن وڌيڪ چيو ته روس صرف سلامتي ڪونسل جي فيصلن کي عمل جوڳو سمجهي ٿو ۽ باقي معاملن ۾ ٻه طرفا مفادن کي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته آمريڪا ائٽمي معاهدي کان ڌار ٿي ان معاهدي جي ٻنهي ڌرين جي سالن جي محنت کي ضايع ڪيو آهي.