اربع 19 ڊسمبر 2018ء

رنوير دپيڪا جي شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي تحفا عطيو ڪرڻ جي درخواست

ممبئي(سوڀ نيوز)بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊڪون پنهنجي شادي ۾ ايندڙ مهمانن کي درخواست ڪئي آهي ته اهي شادي ۾ کڻي اچڻ لاءِ ورتل تحفا عطيو ڪن، ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪار رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊڪون پنهنجي شآدي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا تحفا وٺڻ نه ٿا چاهن ۽ انهن مهمانن کي درخواست ڪئي آهي ته اهي تحفا ڏيڻ بدران ذهني صحت جي ڀلائي واري اداري ” داليو لولاف فائونڊيشن“ کي پنهنجي نالي ۽ ٻئي تفصيل سان گڏ چيڪ فائونڊيشن کي عطيئو ڪن.