اربع 19 ڊسمبر 2018ء

ايمنسٽي انٽرنيشنل ميانمار جي اڳواڻ آنگ سان سوچي کان ”ضمير جي سفير“ جو اعزاز واپس وٺي ڇڏيو

لنڊن (سوڀ نيوز) ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه نائڊو ميانمار جي اڳواڻ آنگ سان سوچي کان ”ضمير جي سفير“ جو اعزاز واپس وٺندي چيو آهي ته هو روهنگيا مسلمانن تي ظلم روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي. عالمي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه چيو ته آنگ سان سوچي اميد، حوصلي ۽ انساني حقن جي علمبردار ناهي رهي، ان ڪري کيس 2009ع ۾ ڏنل ”ضمير جي سفير“ جو اعزاز واپس وٺي رهيا آهيون. ان کان اڳ آنگ سان سوچي جي اعزازي ڪينيڊين شهريت پڻ رد ڪئي وئي هئي.