اربع 19 ڊسمبر 2018ء

خاشقجي قتل: آمريڪا 17 سعودي شهرين تي پابندي لڳائي ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا سعودي صحافي جمال خشوگي جي قتل ۾ ملوث 17 سعودي شهرين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ٽرمپ انتظاميه جمال خشوگي جي قتل جي ردعمل ۾ پهريون ڀيرو قدم کڻندي انهن 17 سعودي شهرين تي پابندي لاڳو ڪئي آهي جيڪي صحافي جي قتل جو منصوبو جوڙڻ ۽ ان کي عملي جامو پهرائڻ واري ٽيم جو حصو هئا. انهن ۾ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو اڳوڻو صلاحڪار سعود القحطاني ۽ استنبول ۾ مقرر سعودي قونصل جنرل محمد العتيبي به شامل آهن. آمريڪا سعودي شهرين تي پابنديون ماگينتسڪي ايڪٽ جي تحت لاڳو ڪيون آهن، جيڪو عامر طور تي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف استعمال ٿيندو آهي.