اربع 19 ڊسمبر 2018ء

ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي، گهربل دهشتگرد مارجي ويو، 6 يرغمالي بازياب

راولپنڊي: سڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي ڪندي 6 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته گهربل دهشتگرد حاڪم مارجي ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن رد الفساد ڪاميابي سان جاري آهي. سڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي 6 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو. ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد پنهنجي ڪريل مقصد لاءِ 6 معصوم شهرين کي يرغمال بڻايو هو، آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگرد حاڪم جديد هٿيار ۽ گرنيڊ سان ليس هو. آپريشن دوران چار سڪيورٽي اهلڪار به زخمي ٿي پيا جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.