اربع 19 ڊسمبر 2018ء

عمران خان کي اناڙي چوڻ وارا ڪجهه ڏينهن صبر ڪن: وفاقي وزير شيخ رشيد

لاهور: ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪي ماڻهو عمران خان کي کلاڙي بدران اناڙي قرار ڏئي رهيا آهن هي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ صبر ڪن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 100 ڏينهن ۾ 10 ٽرينون هلائي پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هاڻي خراب پٽڙين ۽ خراب بوگين جي مرمت شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽرينن ذريعي سياحت کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، سياحت لاءِ ريلوي ۾ 3 ٽوئرسٽ ٽرينون هلائي رهيا آهيون. شيخ رشيد چيو ته 90 ڏينهن دوران ريلوي جي آمدني ۾ 2 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي، ريلوي ۾ هڪ ارب رپين جي غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته ريزرويشن وقت وڌائڻ سان ريلوي جي آمدني ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ستن ڊويزن شهرن جي اسٽيشنن تي 24 ڪلاڪ ريزرويشن ڪئي ويندي، بنا ٽڪيٽ مسافر سان پوليس يا عملو به ملوث هوندو ته نوڪري مان ڪڍيو ويندو. شيخ رشيد چيو ته جنهن وزيراعظم کي 6 ارب رپيه روزاني وياج ڏيڻو پوي تنهن کي ڪئين ننڊ اچي سگهي ٿي، سڄي دنيا جا سک اڄ عمران خان ۽ آرمي چيف سبب پاڪستان کي محسن مڃي رهيا آهن.