اربع 19 ڊسمبر 2018ء

ڪرتارپور راهداري جي بابت ڀارتي منطق بدنيتي تي ٻڌل آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪرتارپور راهداري جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان پاڪ ڀارت عوام ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ڪرتارپور راهداري رٿا کي اڳتي وڌائيندو، راهداري جو بنياد رکڻ سان پاڪ ڀارت عوام ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته پيڙهه جي پٿر جي تقريب ۾ ڀارتي مهمانن جي شرڪت تي ٿورائتا آهيون، وڏي تعداد ۾ سک ياترين جي تقريب جي شرڪت سٺو سنوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرتارپور راهداري بابت ڀارتي منطق بد نيتي تي ٻڌل آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جو هر قدم ڪرتارپور راهداري جي بهتري لاءِ هوندو، جڏهن ته اسان پنهنجي طرف کان پاڪ ڀارت انٽرنيشنل بارڊر تائين راهداري جي اڏاوت جي شروعات ڪرڻ وارا آهيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته جارج بش سينئر عالمي چئلينجن جي دور ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪئي، پاڪستان ۾ بش سينئر کي 2005ع جي زلزلي بعد سندس ڪيل ڪوششن سبب ياد رکيو ويندو.