اربع 19 ڊسمبر 2018ء

وزير اعظم عمران خان گورنر هائوس لاهور جون ڀتيون ڪِرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور: پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان گورنر هائوس پنجاب جون ڀتيون ڪِرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن لاءِ لاهور آيو ۽ دورو ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم عمران خان دوري دوران پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۽ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي تي اظهار جو اطمينان ڪيو، هن چيو ته سي ايم سيڪريٽريٽ جو خرچ پهريان 55 لک ماهوار هو ۽ هاڻي گهٽ ٿي 8 لک رپيا ٿي چڪو آهي.