اربع 19 ڊسمبر 2018ء

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي گورنر هائوس جون ڀتيون ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت کي گورنر هائوس لاهور جون ڀتون ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گورنر هائوس جون ڀتون ڊاهڻ خلاف خواجه محسن عباس درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته گورنر هائوس تاريخي ورثو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪنهن تاريخي ورثي جي عمارت کي نقصان نٿو پهچائي سگهجي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته وزيراعظم جو حڪم غيرقانوني آهي ان عمل سان عوام جي پئسو ضياع ٿيندو تنهنڪري گورنر هائوس جون ڀتون ڊاهڻ وارو عمل ترت روڪيو وڃي. خواجه محسن عباس جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مامون الرشيد ٻڌڻي ڪئي. عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ حڪومت کي گورنر هائوس جون ڀتون ڊاهڻ کان روڪيندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون کان جواب طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس لاهور جون ڀتون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کانپوءِ ڀتن کي ڊاهڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو هو.