اربع 19 ڊسمبر 2018ء

اعظم سواتي تڪرار: آرٽيڪل 62 ون ايف تحت عدالت پاڻ ٽرائل ڪندي: چيف جسٽس پاڪستان

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد جي بدلي واري ڪيس ۾ اعظم سواتي جو معافي نامو رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ آءِ جي اسلام آباد جي بدلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اعظم سواتي جو جواب پڙهي ورتو آهي، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت عدالت پاڻ ٽرائل ڪندي. اعظم سواتي وقت جو حاڪم آهي، ڇا وقت جو حاڪم پنهنجي عوام سان اهڙو سلوڪ ڪندو آهي؟ ڇونه اعظم سواتي کي ملڪ لاءِ مثال بڻائجي؟ مينهن جي ڪري ڇا حاڪم عورتن کي گرفتار ڪرائيندو آهي؟ چيف جسٽس آءِ جي اسلام آباد کان پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي هن وقت تائين ڪو ڪم ناهي ڪيو، معاملو حڪومت جو آهي، ان لاءِ آءِ جي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، ڇا اها آءِ جي اسلام آباد جي ڪارڪردگي آهي، جنهن تي آءِ جي اسلام آباد چيو ته معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ان لاءِ ايڪشن نه کنيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آءِ جي کي اعظم سواتي جو فون اٽينڊ نه ڪرڻ تي تبديل ڪيو ويو، جنهن تي اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته آءِ جي جي تبديلي وارو عمل پهريان کان هلندڙ هو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اعظم سواتي خلاف آرٽيڪل 62 ون ايف جي ڪارروائي لاءِ تيار آهيون، شاهديون رڪارڊ ڪرڻيون پيون ته اسان پاڻ ڪري وٺنداسين. اعظم سواتي جي وڪيل امان الله ڪنراني چيو ته عدالت آرٽيڪل 62 ون ايف جو ٽرائل ڪري سگهي ٿي، پر سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪيو ته ڪاوڙ جو تاثر ملندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اطلاعات واري وزير سان عدالتي ايڪشن تي ڪافي مسئلو ٿيو هو، حڪومت کي ٻڌايو ته جڊيشل ريويو ڇا ٿيندو آهي، هڪ فون ڪال تي وزيراعظم آءِ جي جي بدلي ڪري ڇڏي، ڇونه وزيراعظم کي سڏائي وضاحت ورتي وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف طرف وڃڻو ئي پوندو، آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالتي معاون مقرر ڪريون ٿا، عدالت خالد جاويد ۽ فيصل صديقي کي آرٽيڪل 62 ون ايف جي لاڳو لاءِ عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو.