اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

اولهه ملڪ روس خلاف پابنديون سخت ڪن: يوڪرين

ڪيف (سوڀ نيوز) يوڪرين اولهه ملڪن کان روس خلاف لاڳو پابندين کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. عالمي نشرياتي اداري موجب يوڪريني پرڏيهي وزير پائولو ڪلمڪن سلامتي ۽ سهڪار بابت يورپي تنظيم جي اجلاس سان خطا ۾ چيو آهي ته حڪومت کي يوڪرين خلاف جارحيت ۽ اولهه دنيا ۾ عدم استحڪام جي ڪوشش ڪندڙن کي سزائون ڏيڻ گهرجن. هن ابناءِ ڪيرج ۾ روسي فورسز جي يوڪرين بحري جهازن خلاف ڪارروائي جو زڪر ڪندي چيو آهي ته اها روسي حڪومت طرفان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جو هڪ واقعو آهي.