خميس 21 مارچ 2019ء

جنيد جمشيد جي ٻي ورسي ملهائي وئي

اسلام آباد (سوڀ نيوز) جنيد جمشيد جي ٻي ورسي ملهائي وئي. جني جمشيد 7 ڊسمبر 2016ع ۾ پي آءِ اي جي بدقسمت جهاز جو آخري سفر ثابت ٿيو. ان حادثي ۾ 47 خاندانن کي رورائي ڇڏيو، پر سمورن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجن پيارن جون يادون اڄ به زنده آهن. دل دل پاڪستان گاني مان شهرت جي بلندين تي ويندڙ جنيد جمشيد جون يادون ۽ ڳالهيون اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ آهن. 1983ع ۾ هن کي شاگردي دوران ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. 1987ع ۾ وائٽل سائنز گروپ ۾ جڳهه ٺاهڻ جو موقعو مليو. 14 آگسٽ 1987ع ۾ هن جي پهرئين البم جو ملي نغمو ”دل دل پاڪستان“ رليز ٿيو ٿي تمام گهڻو مشهور ٿيو. 1990ع ۾ مولانا طارق جميل سان ملاقات کان پوءِ جنيد جمشيد اسلام آباد جي خدمت جي سفر تي نڪري پيو. هن اسلام جي تبليغ لاءِ مختلف ملڪن جا دورا ڪيا. 7 ڊسمبر 2016ع ۾ چترال مان اسلام آباد جو سفر آخري هوندو. ان سفر ۾ اسلام آباد واپسي تي هوائي هادثي ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.