اربع 20 مارچ 2019ء

جهانگير ترين جي پٽ علي ترين پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ٽيم خريد ڪري ورتي

لاهور : تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي پٽ علي ترين پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ٽيم خريد ڪري ورتي آهي. پي ايس ايل جي ڇهين ٽيم فرنچائز جي وڪري لاءِ بڊنگ لاهور ۾ ٿي جنهن ۾ علي ترين ٽيم جا مالڪاڻا حق حاصل ڪيا. پي ايس ايل جي ڇهين ٽيم 73 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي ڇهين ٽيم ملتان ڪنسروشيم جي مالڪ علي ترين خريد ڪئي آهي. پي سي بي موجب پي ايس ايل جي ڇهين ٽيم جا حق ملتان ڪنشورشيم 7 سال لاءِ حاصل ڪيا آهن. پي ايس ايل جي ڇهين ٽيم 73 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿي آهي.