آچر 21 اپریل 2019ء

پاڪستان ۾ ميچ کيڏڻ واري پيشڪيش تي غور ڪري ڪري رهيا آهيون: آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ

سڊني: يو اي اي ۾ پنجن ون ڊي ميچز جي سيريز جون ڪجهه ميچون پاڪستان ۾ به کيڏڻ جو امڪان آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن. دورو ڪرڻ لاءِ پي سي بي سان رابطي ۾ ۽ صورتحال تي غور ڪري رهيا آهيون، رانديگرن ۽ معاون اسٽاف جي سيڪيورٽي پهرئين ترجيح هوندي. ياد رهي ته جيڪڏهن ڪرڪيٽ آسٽريليا راضي ٿي وئي ته ڪينگروز 20 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندا.